ڪرپٽون
ڪرپٽون (Krypton؛ قديم يوناني لفظ κρυπτός، ڪرپٽوس يعني 'لڪيل' مان) هڪ ڪيميائي عنصر آهي، جن جو نشان Kr ۽ ايٽمي نمبر 36 آهي. اها هڪ بي رنگ ۽ بوءِ کان پاڪ نوبل گئس آهي. اها فضا ۾ تمام ٿوري مقدار ۾ هوندي آهي. اها اڪثر ڪري فلوريسينٽ ليمپ ۾ ٻين ناياب گئسن سان گڏ استعمال ٿيندي آهي. ڪرپٽون ڪابه ڪيميائي رد عمل نه ڪندي آهي، ڇو ته هن جي آخري مدار ۾ ڪو به ردعمل وارو اليڪٽران نه هوندو آهي.
ڪرپٽون، ٻين نوبل گيسن وانگر، روشني ۽ فوٽوگرافي ۾ استعمال ٿيندو آهي. ڪرپٽون جي روشني ۾ ڪيتريون ئي اسپيڪٽرل لائينون آهن ۽ ڪرپٽون پلازما روشن، اعليٰ طاقت وارن گيس ليزرن (ڪرپٽن آئن ۽ ايڪسائيمر ليزر) ۾ ڪارآمد آهي، جن مان هر هڪ اسپيڪٽرل لائن کي گونجندو ۽ وڌائيندو آهي. ڪرپٽون فلورائيڊ هڪ مفيد ليزر ميڊيم پڻ ٺاهيندو آهي.
1960 ۾، بين الاقوامي وزن ۽ ماپ جي بيورو ميٽر کي خلا ۾ خارج ٿيندڙ روشني جي 1,650,763.73 طول موج (Wavelength) طور تي بيان ڪيو جيڪو آئسوٽوپ ڪرپٽن-86 ۾ 2p10 ۽ 5d5 سطحن جي وچ ۾ اليڪٽران جي منتقلي دوران خارج ٿيندڙ روشني جي طول موج هئي.[1][2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "The BIPM and the evolution of the definition of the metre". Bureau International des Poids et Mesures. 2014-07-26. 2016-06-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Penzes, William B. (2009-01-08). "Time Line for the Definition of the Meter". National Institute of Standards and Technology. اصل نسخو مان 2016-08-12 تي محفوظ ڪيل. 2016-06-23 تي حاصل ڪيل.