زغرب
زغرب (Zagreb)[3][4] [5] يورپ جي ملڪ ڪروشيا جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي.[6] اھو ملڪ جي اتر اولھ واري حصي م ساوا ندي جي ڪناري ميڊويدنيڪا (Medvednica) جبل جي پاسي ۾ واقع آهي. ھي شھر سامونڊي سطح کان 122 ميٽر (400 ڦٽ) بلندي تي واقع آهي.[7][8] سال 2001ع ۾ ھن شھر جي آبادي 6,91,724 ھئي.[9] سال 2018ع ۾ ھن شھر جي آبادي جو تخمينو 8,20,678 ھيو.[10] ان جي ارد گرد جي آبادي کي ملائي ڪل شھري آبادي 10,86,528 ھئي،[11] جنھن جو چوٿون حصو ڪروشيائي نسل سان تعلق رکندڙ ھو.
زغرب شھر جي تاريخ رومن ايمپائر واري دؤر کان شروع ٿئي ٿي.[12][13][14][15] لفظ زغرب جو تاريخ ۾ پھريون ذڪر 1134ع ۾ ملي ٿو جنھن ۾ 1094ع ۾ ڪيپٽول (Kaptol) جي وسندي جي قيام جي حوالي سان ذڪر ٿيل ھو. 1242ع ۾ زغرب ھڪ آزاد شاھي شھر بڻجي ويو هو.[16][17][18][19] انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق ھن شھر جو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ذڪر 1093ع ۾ ملي ٿو جڏھن اتي رومن ڪيٿولڪ بشپري قائم ڪئي وئي ھئي.[9] يورپ جي وچولي دؤر ۾ موجوده زغرب واري ھنڌ ھڪ شھري ۽ ڪليسائي آبادي واقع ھئي.[9] ھي شھر يوگوسلاويه جي قيام واري تحريڪ ۽ بعد ۾ ڪروشيائي آزادي جي تحريڪ جو مرڪز رھيو آھي.[9] سال 1991ع ۾ يوگوسلاويه کان ڌار ٿيڻ جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ گھرو ويڙھ ۾ ھن شھر جو ڏاڍو نقصان ٿيو ھو.[9] ھي شھر ھن وقت ڪروشيا جو اھم صنعتي مرڪز آهي.[9] ھن شھر ۾ زغرب يونيورسٽي ۽ سائنسز اينڊ آرٽس اڪيڊمي پڻ واقع آھن.[9]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "City of zagreb 2006". City of Zagreb, Statistics Department. اصل نسخو مان 11 October 2007 تي محفوظ ڪيل. 25 January 2008 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org.
- ↑ Wells, John C. (2008). Longman Pronunciation Dictionary (3rd ڇاپو). Longman. ISBN 978-1-4058-8118-0.
- ↑ Roach, Peter (2011). Cambridge English Pronouncing Dictionary (18th ڇاپو). Cambridge: Cambridge University Press. ISBN 978-0-521-15253-2.
- ↑ "Hrvatski jezični portal". 23 March 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Grad Zagreb službene stranice". 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "OSNOVNI PODACI O GRADU ZAGREBU". اصل نسخو مان 7 June 2017 تي محفوظ ڪيل. 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Zagreb, Zagreb... – ZPR – FER". اصل نسخو مان 30 July 2007 تي محفوظ ڪيل. 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 5 6 7 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2102 -
- ↑ https://www.zagreb.hr/UserDocsImages/arhiva/statistika/ZGubrojkama.pdf
- ↑ "Zagreb Urban Agglomeration Development Strategy for the period up to 2020" (PDF). www.zagreb.hr. April 2018. 28 December 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Arheološki park ANDAUTONIJA". اصل نسخو مان 1 January 2012 تي محفوظ ڪيل. 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Arheološki park ANDAUTONIJA u Ščitarjevu – Arheološki muzej u Zagrebu". اصل نسخو مان 29 July 2017 تي محفوظ ڪيل. 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Povijest – Andautonija". اصل نسخو مان 26 July 2012 تي محفوظ ڪيل. 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Andautonija – Turistička zajednica Zagrebačke županije". اصل نسخو مان 29 July 2017 تي محفوظ ڪيل. 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Muzej grada Zagreba – 5. Slobodni kraljevski grad na Gradecu". اصل نسخو مان 5 July 2017 تي محفوظ ڪيل. 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Kralj Bela IV Gradecu izdao Zlatnu bulu kojom je postao slobodni kraljevski grad". 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "slobodni kraljevski gradovi i trgovišta | Hrvatska enciklopedija". 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "slobodni kraljevski gradec – Grad Zagreb službene stranice". 20 June 2017 تي حاصل ڪيل.
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- راڄڌانيون
- ڪروشيا
- ڪروشيا جا شھر
- ڪروشيا ۾ شھر ۽ وسنديون
- ڪروئيشيا ۾ شھر ۽ وسنديون
- يورپ ۾ راڄڌانيون