مواد ڏانھن هلو

قديم يونان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قديم يونان: 1100 ق.م کان 30 ق.م تائين

قديم يونان (Ancient Greece)، هڪ اتر-اوڀر رومي (ڀونوچ) سمنڊ جي تهذيب هئي، جيڪا نائين کان ٻارھين صدي ق.م. جي يوناني اونداهي دور کان وٺي قديم عھد تائين موجود هئي. ھن تھذيب ۾ ثقافتي ۽ لساني ھڪجڙايون رکندڙ شھري رياستون ۽ مختلف علائقا شامل ھئا. ھي شھر ۽ علائقا صرف ھڪ ڀيرو 13 سالن جي لاءِ سڪندر اعظم جي حڪمراني ھيٺ قديم مقدونيا ۾ گڏ رھيا ھئا.[1]

ماهر قديم يونان جي شروعات "مائيسيني يونان" (Mycenaean Greece) واري دور مان مڃين ٿا، جنهن جو زوال تقريباً 1100 قبل مسيح ۾ "ڪانسي واري دور" جي خاتمي دوران ٿيو. ان کان ٽي صديون پوءِ، يعني اٺين صدي قبل مسيح ۾، يوناني شهري رياستون (جن کي "پولس" چيو ويندو هو) وجود ۾ اچڻ شروع ٿيون؛ ان سان گڏ ئي "آرڪيڪ دور" (Archaic) ۽ بحرِ روم جي علائقي ۾ يوناني نوآبادين جي قيام جو سلسلو شروع ٿيو. ان کان پوءِ قديم يونان جي "ڪلاسڪي دور" (Classical) ۾ ذهني ۽ فڪري عروج جو زمانو آيو، جنهن جو دائرو يوناني-فارسي جنگين کان وٺي 323 قبل مسيح ۾ سڪندرِ اعظم جي وفات تائين پکڙيل هو. هن دور ۾ ايٿنس جو "سونهري دور"، ايٿنس ۽ اسپارٽا وچ ۾ "پيلوپونيسين جنگ"، اسپارٽا ۽ ٿيبس جي مختصر مدي واري بالادستي، ميسيڊونيا جي فلپ ٻئي جي اڳواڻي ۾ ”هيلينڪ ليگ“ جو قيام ۽ ان کان پوءِ سندس پٽ سڪندرِ اعظم پاران فارس جي هخامنشي سلطنت (Achaemenid) جي فتح شامل هئا. سڪندر جي علائقائي فتوحات جي نتيجي ۾ قديم يوناني ثقافت اتر آفريڪا ۽ اولهه ايشيا تائين پکڙجي وئي؛ ان دور کي هيلينڪ دور" (Hellenistic) چيو وڃي ٿو، جيڪو تقريباً 30 قبل مسيح ۾ ان وقت ختم ٿيو جڏهن اسڪندريا مرڪز واري مصر جي "ٽوليمي بادشاهت" (Ptolemaic) کي روم پنهنجي سلطنت ۾ ضم ڪري ورتو.

ڪلاسڪي يوناني ثقافت، خاص طور تي يوناني فلسفي، قديم روم تي گهرو اثر وڌو، جنهن ان ثقافت جي مختلف شڪلين کي بحرِ روم ۽ يورپ جي وڏي حصي تائين ڦهلايو. ان ئي سبب ڪري، ڪلاسڪي يونان کي عام طور تي مغربي تهذيب جو گهوارو يا بنيادي مرڪز سمجهيو ويندو آهي؛ اها ئي بنيادي ثقافت آهي جتان جديد مغرب سياست، فلسفي، سائنس ۽ فن جي شعبي ۾ پنهنجا ڪيترائي بنيادي اصول ۽ خيال حاصل ڪري ٿو.

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ Paths from ancient Greece. Leiden: Brill. ص. 27 کان 50. ISBN 978-90-04-08846-7.