سان مارينو
سان مرينو (اچارڻ ۾ :سئن مورينو)؛ (انگريزي: San Marino ) (
i/ˌsæn məˈriːnoʊ/, اطالوی: [sam maˈri:no])، سرڪاري نالو "ريپبلڪ آف سئن مورينو" آهي، چوڌاري اٽلي سان گھيريل ھڪ ملڪ جيڪو ائپنين جبلن جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي. ھن ملڪ جي پکيڙ 61 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڪل آبادي 33,562 اٿس.[3] ان جو گاديءَ جو هنڌ سان مرينو شھر آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي آبادي سيراول ميونسپلٽي ۾ واقع آھي جنھن جو نالو ڊوگانا آھي. ملڪ جي سرڪاري ٻولي اطالوي آھي.
ملڪ جو نالو ھڪ عيسائي بزرگ سينٽ مورينس جي نالي تان ورتل آهي. ھي ملڪ يورپ جي سڀ کان قديم ترين قائم رھڻ وارين خودمختيار ريپبلڪن ۾ شامل آھي. [4] في ڪس آمدني جي لحاظ کان ھن ملڪ جو شمار دنيا جي امير ترين ملڪن منجھ ٿيندو آهي. ھن ملڪ جي معيشت ۾ ماليات، خدمتون، صنعت ۽ سياحت شامل آهن. ھن ملڪ جي ھر ماڻھو کي ھڪ کان وڌيڪَ گاڏيون آھن. دنيا جي انھن ٽن ملڪن م شامل آھي جن جي چوڌاري صرف ھڪ ملڪ واقع آهي، جهڙوڪ ڏکڻ آفريڪا جي اندر ليسوٿو ۽ اٽلي جي اندر ويٽيڪن سٽي آھي. ھي ملڪ ويٽيڪن سٽي ۽ مناڪو کان پوء يورپ جو ٽيون نمبر ۽ دنيا جو پنجون نمبر سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي.[5] ھن ملڪ جو موجوده آئين سورھين صديءَ کان ھلندڙ ۽ لاطيني زبان ۾ لکيل آهي.[6]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 San Marino. Imf.org.
- ↑ "San Marino" (PDF). UNECE Statistics Programme. UNECE. 2009. 13 March 2010 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Informazioni sulla popolazione – Repubblica di San Marino, portale ufficiale". Sanmarino.sm. اصل نسخو مان 12 نومبر 2016 تي محفوظ ڪيل. 11 نومبر 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Europe's Micro-States: (04) San Marino". Deutsche Welle. 24 July 2014. 28 July 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Planet, Lonely. "San Marino – Lonely Planet". Lonely Planet. 18 November 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The United States has "the longest surviving constitution."". PolitiFact.com. 26 September 2012 تي حاصل ڪيل.

