روزيو
روزو (انگريزي:Roseau؛ ڊومينيڪن: ووزو) ڊومينيڪا جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي، جن جي آبادي سال 2011ع تائين 14,725 هئي. هي سينٽ جارج پارش ۾ هڪ ننڍڙي ۽ ٺوس شهري آبادي آهي ۽ ڪيريبين سمنڊ ، روزو درياءَ ۽ مورني بروس سان گھريل آهي. سائري جي قديم ٻيٽ ڪيريب ڳوٺ جي جاءِ تي ٺهيل، اهو ڊومينيڪا ٻيٽ تي سڀ کان پراڻي ۽ اهم شهري آبادي آهي. اهو ڊومينيڪا جي ليورڊ (اولهائين) ساحل تي آهي ۽ جديد ۽ نوآبادياتي فرانسيسي فن تعمير جو ميلاپ آهي.
روزو پرڏيهي واپار لاءِ ڊومينيڪا جي سڀ کان اهم بندرگاهه آهي. هتان کان دساور موڪلائڻ واري برآمدات ۾ ڪيلا، تاز جو تيل (Bay Oil)، ڀاڄيون، انگور، چڪوترو ۽ ڪوڪو شامل آهن. خدمتن جو شعبو پڻ مقامي معيشت جو هڪ وڏو حصو آهي. ڊومينيڪا ۾ ڪيترائي خانگي ادارا جهڙوڪ راس يونيورسٽي، انٽرنيشنل يونيورسٽي فار گريجوئيٽ اسٽڊيز، آل سينٽس يونيورسٽي، نيو ورلڊ يونيورسٽي ۽ ويسٽرن آرٿوڊوڪس يونيورسٽي، رجسٽرڊ آهن. هتان هڪ مشهور عيسائي ڊائيوسس آهي، جن کي "رومن ڪيٿولڪ ڊائيوسس آف روزو" سڏيو ويندو آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ 2011 Population and Housing Census – preliminary results. Central Statistical Office (Dominica). http://finance.gov.dm/index.php/statistics?download=20:2011-census-report.pdf. Retrieved 24 October 2017. آرڪائيو ڪيا ويا 25 October 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.