جنيوا
جنيوا (انگريزي: Geneva)،[1] فرينچ: Genève، جرمن: Genf، (اطالوي: Ginevra) سوئٽزرلينڊ جو، زيورخ کانپوءِ، آباديءَ جي لحاظ کان ٻيون سڀ کان وڏو شهر آهي. هي سويٽزرلينڊ جي فرانسيسي ڳالهائيندڙ علائقي "روماندي" جو سڀ کان گهڻي آباديءَ وارو شهر پڻ آهي. هي ان هنڌ واقع آهي، جتان جنيوا ڍنڍ رهون ندي ۾ وهندي آهي. هي جنيوا ضلعي (Canton of Geneva) جو گاديءَ جو هنڌ آهي. سال 2007ع مطابق شهري حدن اندر آبادي هِڪُ لَک 85 هزار 726 هئي. ڪيترن ئي عالمگير تنظيمن جا دفتر هن شهر ۾ هئڻ سبب جينيوا کي عالمگير شهر مَڇِيو ويندو آهي. انهن دفترن ۾ گڏيل قومن جو يورپي صدر دفتر پڻ شامل آهن.[2] سال 2006 ۾ ورتل هڪ جائزي مطابق جنيوا، زيورخ کانپوءِ دنيا ۾ سڀَ کان سُٺي (اعليٰ) معيار زندگي رکڻ وارو شهر آهي.
تعليم
[سنواريو]دنيا جي آڳاٽي يونيورسٽين منجهان هِڪ يونيورسٽي هتي موجود آهي جنهن کي جنيوا يونيورسٽي سڏيو ويندو آهي، هيءَ يونيورسٽي سال 1559ع ۾ جان ڪيلون قائم ڪئي هئي.
عالمگير تنظيمن جا دفتر
[سنواريو]هتي صيحت جو عالمي ادارو (WHO)، محنت جو عالمي ادارو (ILO)، گڏيل قومن جو پناهگيرن لاءِ اعليٰ ڪمشنر (UNHCR)، گڏيل قومن جو انساني حقن لاءِ اعليٰ ڪمشنر (UNHCHR)، ورلڊ انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن (WIPO)، انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين (ITU)، ورلڊ ميٽيريولوجيڪل آرگنائيزيشن (WMO)، عالمي تجارتي تنظيم (ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (WTO) ۽ بين الپارليماني اتحاد (IPU)، ائٽمي تحقيق لاءِ يورپي تنظيم (CERN)، ورلڊ اڪنامڪ فورم (WEF)، اسڪائوٽ تحريڪ جي عالمي تنظيم (WOSM)، ۽ عالمي ريڊڪراس ڪاميٽي (ICRC) جا دفتر هن شهر ۾ موجود آهن.
اعالمي تنظيمن کانسواءِ ڪيترا ئي گُهڻ قومي (Multinational) ادارن جا صدر دفتر پڻ هن شهر ۾ موجود آهن، جِن ۾ سيرونو، ايس ٽي مائيڪرو اليڪٽرانڪس، سوسائت جنرال، ميڊيرينين شپنگ ڪمپني ۽ سيٽا شامل آهن. انهن کانسواءِ پروڪٽر اينڊ گيمبل، ڊيوپونٽ، انوسٽا، هيولٽ-پيڪارڊ، جي ٽي انٽرنيشنل، اليڪٽرانڪ آرٽس ۽ سن مائيڪروسسٽمز جهڙيون مشهور گهڻ قوميائي ڪارپوريشن (Multinational Corporation) جا يورپي صدر دفتر پڻ هتي ئي آهن.
گهڙيون ٺاهڻ جي آڳاٽي روايت سبب هي شهر سموري دنيا ۾ مشهور آهي ۽ روليڪس، ريمنڊ ويل، اوميگا، پيٽڪ فلپ ۽ فرينڪ ميولر جهڙيون معروف ڪمپينون گهڙي سازي (واچ ميڪنگ) سان لاڳاپيل آهن.
نوٽس ۽ حوالا
[سنواريو]- ↑ "Geneva". ليڪسيڪو UK Dictionary. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. 2019-09-07 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Paul Hofmann (24 June 1990). "Staying on the Safe Side; Geneva". دي نيو يارڪ ٽائمز ڪمپني. 19 April 2008 تي حاصل ڪيل.
ببلوگرافي
[سنواريو]- سانچو:HDS
- Joëlle Kuntz, Geneva and the call of internationalism. A history, éditions Zoé, 2011, 96 pages (ISBN 978-2-88182-855-3).
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Geneva. |
جنيوا سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
- Official website (in فرانسيسي)
- . Encyclopædia Britannica. جلد 11 (11th ڇاپو). 1911.
- Geneva – Welcome to Networld
- Geneva public transport
- Geneva Tourist Information Office آرڪائيو ڪيا ويا 2005-03-18 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Geneva Historical & Genealogical Society Collection آرڪائيو ڪيا ويا 2016-03-05 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- Pages using infobox settlement with missing country
- Pages using infobox settlement with no map
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- Official website different in Wikidata and Wikipedia
- Articles with فرانسيسي-language sources (fr)
- Wikipedia articles incorporating a citation from the 1911 Encyclopaedia Britannica with Wikisource reference
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- جنيوا
- سوئٽزرلينڊ
- سئيٽزرلينڊ ۾ شهر
- اڳوڻا خدائي راڄَ
- پوتر رومن سلطنت جا پرڳڻا
- پهريون هزار سال مسيح کان اڳ ۾ قائم ٿيل آباد هنڌ
- رهوني مٿان آباد جڳھون
- سوئٽزرلينڊ جا اڳوڻا ساٿي
- سوئٽزرلينڊ جون پرڳڻو راڄڌانيون
- سوئٽزرلينڊ ۾ يونيورسٽي شهر
- ڍنڍ جينووا تي آباد جڳھون